SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


گڏيل سلامتيءَ جي ذميواري


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


گڏيل سلامتيءَ جي ذميواري

Collective Security

ڪليڪٽوِ سيڪيورٽي

ٻن عالمي جنگين دوران بين الاقوامي تعلقات ۾ سفارتڪاريءَ جو اِهو راهنما اصول هو ته دنيا جي سلامتي دنيا جي سمورن ماڻهن جي ذميواري آهي. ان اصول مطابق دنيا جا سڀ ملڪ هڪٻئي کي باهمي سالميت جي خاطري ڪرائيندا. قومن جي مجلس ( League of Nations ) ۽ گڏيل قومن (United Nations) جي جوِڙجڪن جو بنيادي اصول به اهو ئي رهيو آهي. هن تصور هيٺ ٿيل ۽ ٿيندڙ بندوبستن جي خلاف ٿيندڙ هر ڪارروائيءَ کي روڪڻ يا ختم ڪرڻ پڻ دنيا جي مڙني رياستن جي گڏيل ذميواري هجڻ کپي. ان کان علاوه هيءُ اصطلاح جمهوري رياست جي وهنوار ۾ به استعمال ٿئي ٿو. مثال طور: جن ملڪن ۾ پارلياماني سرشتو هوندو آهي، اتي پارليامينٽ، حڪومت ۽ عدليه هڪ ٻئي ڏانهن ذميوار هونديون آهن. حڪومت پارليامينٽ ۽ عدليا طرفان ڪيل مڙني فيصلن تي عمل ڪرائڻ لاءِ ٻڌل هوندي آهي، جڏهن ته پارليامينٽ جو هر ميمبر حڪومتي ڪارڪردگيءَ جي حوالي سان عوام ڏانهن جوابدار هوندوآهي. انهن ٻنهي ادارن (حڪومت ۽ پارليامينٽ) جي وچ ۾ ڪو تڪرار پيدا ٿيندو آهي ته ان جو نبيرو عدليا ڪندي آهي. ڪنهن به پارليامينٽري سرشتي جي هلندڙ اِن وهنوار کي پڻ گڏيل ذميواري چيو وڃي ٿو. اِهو پرياءُ سڀ کان پهرين ايراني عالم ۽ بهائي فرقي جي اڳواڻ بهاءُالله جي تحريرن ۾ ملي ٿو.


Remember Me Also:

سلف صالحين

ذ. رَسُول اَڪرم جي حُڪمن جي پوري طرح بجا آورِي ڪندڙ اڳيان.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal